طب داراشڪوه

طب داراشڪوه

طب داراشڪوه

طب داراشڪوه (قلمي نسخو): فارسي ٻولي واري هن طب جو مصنف نور الدين محمد عبدالله بن حڪيم آهي. هي طب نستعليق واري خط ۾ تحرير ٿيل آهي ۽ ڪاتب نور محمد ولد پير محمد پيرزادو قريشي صديقي آهي، جنهن 25 شوال 1226هه/ 1811ع ۾ لکي مڪمل ڪيو. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
”العبد فقير نور محمد ابن مرحوم مغفور
پير محمد عرف پيرزادو قريشي صديقي عفي عنها“
402 صفحن تي مشتمل هن نسخي جي هر صفحي تي 19 سٽون آهن. ڪتاب جو پڇاڙي وارو ڪجهه حصو ڪيڙي سبب ضايع ٿي چڪو آهي، هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو